سنڌ راڻي

سنڌ راڻي: سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ راڻيءَ جي خطاب سان ٻه عورتون مشهور آهن. سڀ کان پهرين ’سنڌ راڻيءَ‘ جو خطاب ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، ڪڇ فتح ڪرڻ کانپوءِ راءِ لاکي جي سؤٽ جي ڌيءَ سان شادي ڪري، اُن کي ڏنو هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڪڇ جي حاڪم راءِ لاکي صلح جو پيغام موڪليو. صلح کانپوءِ راءِ لاکي پنهنجي ڀيڻ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر اڳتي هلي راءِ لاکي پنهنجي ڌيءَ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ ڏني، اها راءِ محقق پوسٽنز جي آهي. باقي سمورا محقق ۽ تاريخدان انهيءَ ڳالـهـه تي متـفـق آهـن ته صلـح کان پوءِ راءِ لاکـي پنهنجي ڀيڻ، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پر اڳتي هلي هن پنهنجي سؤٽ جي ڌيءَ سندس نڪاح ۾ ڏني. تـاريـخ مان ڄاڻ پوي ٿي ته اهـا شـادي وڏي شـان شـوڪـت سان ٿي هئـي، شـاديءَ کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي گهر واريءَ کي ’سنڌ راڻيءَ‘ جي خطاب ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو. هي واقعو 28 شعبان 1177 هه/ 2 مارچ 1764ع ۾ ٿيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي فرزند ميان سرفراز خان ڪلهوڙي هن شاديءَ بابت فارسيءَ ۾ هڪ طويل قطع تاريخ چئي آهي، جنهن جو آخري شعر هن ريت آهي:
لاجرم گشت سال تاريخش،
”به بود اين قران شمس و قمر“
1177 هه
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کانپوءِ ’سنڌ راڻيءَ‘ جو ٻيو خطاب ’سونيتيءَ‘ کي مليو هو (تفصيل لاءِ ڏسو: سونيتي).


لفظ سنڌ راڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو